بيدوا-5

بيدوا-5

بيدوا 5

بيدوا-5 (Bedwa-V): هي ماڳ بيدوا ڳوٺ (هندستان) جي اتر- اولهه ڪنڊ ۾، ڳوٺ کان 25 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ''40'26°76 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ ۽ ''10'15°29 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ تي هڪ دڙي جي صورت ۾ موجود آهي. ماڳ واريءَ جي دڙي تي آهي، جيڪو زميني سطح کان 4 ميٽر اوچو پر هن وقت آباديءَ هيٺ اچي چڪو آهي. دڙو ٻن هيڪٽرن جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي. هتان ملندڙ ٺڪر بيدوا-2 جي ٺڪر سان مشابهت رکي ٿو، جيڪو پوئين اوج واري سنڌو تهذيب جو آهي. بيدوا ڳوٺ لڳ ڪل 5 ماڳ آهن، جن مان ٻن ماڳن جو تعلق سنڌو تهذيب واري دور سان جڏهن ته ٽن ماڳن جو تعلق اوائلي تاريخي ۽ وچين تاريخي دور سان آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو